خفيف III

خفيف III-: هيءُ سومرا گهراڻي جو حڪمران هو. خفيف ٽيون 1315ع کان 33/1332ع تائين حڪمران رهيو. هيءُ ڀونگر سومري جي مري وڃڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي حاڪم مقرر ٿيو. هن جي دؤر ۾ جلال الدين خلجي دهليءَ جي تخت تي ويٺو، جنهن پنهنجي پٽ ارڪلي خان کي ملتان ۽ سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليو: مولانا ابوالظفر ندويءَ جو چوڻ آهي ته: ”بلبن جي دور کان وٺي رواج پئجي ويو هو ته اصل حاڪم اعليٰ ديپالپور ۾ رهندو ۽ سندس ماتحت ملتان، اچ ۽ سيوهڻ جا حاڪم هوندا هئا. اچ ۽ سيوستان جا حاڪم فقط شهر ۽ قلعي تائين محدود هوندا هئا، باقي سڄي ملڪي ايراضي خصوصاً سومرن جي قبضي ۾ هوندي هئي. انهيءَ حاڪم جي حيثيت فوجي قلعي داد واري هوندي هئي، خفيف جي دور ۾ اتر اولهه کان مغلن سنڌ تي حملو ڪيو. انهيءَ حملي ۾ پاڻ آزاد رياست جي حڪمراني وڃائي ويٺو ۽ باقي زندگي گوشا نشين ٿي گذاريائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو